اسڪولن ۾ دهشتگردي جو خطرو،سيڪيورٽي هاءِ الرٽ

0
132

گهوٽڪي ضلعي جي سمورن تعليمي ادارن کي دهشتگردي جو خطرو آهي ان لاء سڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي

ڊي اي او پاران لکت ۾ سمورن اسڪولن ۾ سڪيورٽي انتظام وڌائڻ جو حڪم به جاري ڪيو ويو آهي

ڊي اي او ايليمنٽري, سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري گهوٽڪي سيد اسرار شاهه پاران سموري ضلعي جي ٽي اي اوز, پرنسيپال ۽ هيڊ ماسترن کي لکت ۾ سيڪورٽي انتظام وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي

هن چيو ته دهشتگردن پاران ملڪ ۾ حملن جي خطري بابت سڪيورٽي ادارن جون رپورٽس آهن، جنهن ڪري اسڪولن جي مک گيٽ تي هڪ ماڻهو مقرر ڪيو وڃي جيڪو ٻاهر نظر رکي ۽ اهڙي ڪنهن به صورتحال جي صورت ۾ لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪري

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here