اسڪولن ۾ سياري جي موڪلن ۾ هفتي جي واڌ

0
204

لاهور هاءِ ڪورٽ اسڪولن ۾ سياري جي موڪلن ۾ هڪ هفتي جي واڌ بابت لکت حڪم جاري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم سموگ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جو ٻن صفن تي ٻڌل لکت حڪم جاري ڪري ڇڏيو

عدالت تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن ۾ هڪ هفتي جي واڌ جو حڪم ڏيندي نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته سموگ جي خاتمي لاءِ اسان کي زندگي گذارڻ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي

عدالت ماحوليات کاتي کي گدلاڻ جي خاتمي جا رولز جلد کان جلد واضح ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي پنجاب ڊزاسٽر مئنيجمينٽ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

عدالت پيمرا کي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي گدلاڻ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پيغام نشر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 2 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن سموگ سبب اسڪول ۽ ڪاليج وڌيڪ 7 ڏينهن بند رکڻ جي هدايت ڪئي هئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here