طالبان يونورسٽيون بند ڪري عورتن کي تعليم کان نه ٿا روڪي سگهن:ملالا

0
90

نوبل انعام آفته ملالا يوسفزئي چيو آهي ته طالبان يونورسٽين جا دروازا بند ڪري  عورتن کي تعليم کان نه ٿا روڪي سگهن

طالبان پاران عورتن جي اعليٰ تعليم تي پابندي خلاف سماجي راطبن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ ملالا يوسفزئي چيو ته طالبان عورتن کي اعليٰ تعليم کان نه روڪي سگهن ٿا ۽ نه سکڻ واري جسجتو کي ماري سگهن ٿا  

واضح رهي گذريل ڏينهن افغان تعليم کاتي پاران سرڪاري ۽ نجي يونوسٽين کي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته عورتن جي تعليم وارو عمل معطل ڪيو وڃي

طالبان پاران عورتن جي اعليٰ تعليم تي پابندي جي خلاف افغانستان ۾ احتجاجي مظاهرا جاري آهن

آمريڪا ۽ برطانيا، افغانستان ۾ عورتن جي اعليٰ تعليم تي پابندي واري عمل جي مذمت ڪري ڇڏي

آمريڪا اختيارين چيو ته عورتن جي حقن جو احترام  نه ڪرڻ سبب طالبان عالمي برادري جو حصو نه بڻجي سگهندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here