پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي عمران خان جي امانت آهي
پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ واري معاملي تي پرويز الاهي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان زمان پارڪ لاهور ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مونس الاهي ۽ حسين الاهي به شريڪ هو
ملاقات بعد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پرويز الاهي جو چوڻ هو ته عمران خان جي هر فيصلي جو ساٿ ڏيندا
هن چيو ته پنجاب اسيمبلي عمران خان جي امانت آهي ۽ اها امانت واپس ڪري ڇڏي آهي ، عمران خان مخالفن جي سياست کي زيرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ افواهون ڦهلائيندڙ پهريان جيان ناڪام رهندا
ان حوالي سان مونس الاهي جو چوڻ آهي ته عمران خان جي آواز تي لبيڪ چوندا سين ، اسان جو اتحاد پهريان کان مضبوط آهي
ٻي طرف عمران خان زمان پارڪ جي بيٺڪ ۾ ق ليگ کي حال ۽ مستقبل جو اتحادي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ جلسي ۾ گڏ ويهڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي
ٻئي طرف ن ليگ به وزيراعليٰ ،اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي خلاف تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي
اپوزيشن اتحاد جي 180 ميمبرن لکي فيصلو ڏنو آهي ۽ تحريڪ عدم اعتماد سومر تي جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان کانسواءِ ن ليگ پلان اي ، بي ۽ سي به تيار ڪري ورتي آهي