پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا شديد لوڏن، 4 ڄڻا فوت

0
218

پشاور، ڪوهاٽ، صوابي ۾ به زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، انکانسواءِ زلزلي جا جهٽڪا لاهور، ڪوئيٽا ۽ راولپنڊي ۾ به محسوس ڪيا ويا

جڏهن ته بهاولپور، لوڌران، ڊي جي خان، ميانوالي، خانيوال، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، پاراچنار، ڪرڪ ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا

لکي مروت، مردان، باجوڙ، نوشهرا ۽ آسپاس جي علائقن ۾به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن

اسڪردو ۽ چلاس ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، ڀَوَ ۾ آيل ماڻهن پهرين ڪلمي جو ورد پڙهندي گهرن کان ٻاهر نڪري رخ ڪيو

زلزلي سبب مختلف شهرن ۾ چئن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن

زلزلي جي شدت 6.6 رڪارڊ ڪئي وئي، هن وقت تائين ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصانن جا اطلاع ناهن مليا موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته زلزلو پاڪستاني وقت موجب نوَ وڄي ستيتاليهه منٽ تي آيو، زلزلي جو مرڪز افغانستان ۾ هندوڪش جو خطو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here