ايمرجنسي لڳائڻ لاءِ اهڙو سبب يا بهانو بڻايو ته جيئن کين وقت ملي وڃي وزيراعظم ڪچن ڪابينا جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي

0
102

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل ڪچن ڪابينا جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايمرجنسي لڳائڻ لاءِ اهڙو سبب يا بهانو بڻايو ته جيئن کين وقت ملي وڃي.وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن پنهنجي ڪچن ڪيبنٽ سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ 6 کان 8 وزير شريڪ ٿيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ بي اعتمادي جي معاملي تي صلاح مشورا ڪيا ويا، جنهن ۾ تجويز ڏني وئي ته اسپيڪر ڪنهن نه ڪنهن بهاني اسيمبلي اجلاس جي ڪارروائي ملتوي ڪري ووٽنگ دوران ڳڻپ درست نه ڪري يا ڪو ٻيو بهانو بڻائي.ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته باغي ميمبرن جي گهر وڃي انهن خلاف نعرا هنيا وڃن ۽ دٻاءُ وڌو وڃي، حڪومت خلاف سازش ڪندڙن تي آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ڪئي وڃي.ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ اٽارني جنرل ۽ اسپيڪر ڪو به غير قانوني قدم کڻڻ جي مخالفت ڪئي، جنهن تي وزيراعظم پنهنجو موقف مڃرائڻ لاءِ اٽارني جنرل ۽ اسپيڪر کان پرزور مطالبو ڪيو.ذريعن موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايمرجنسي لڳائڻ لاءِ اهڙو سبب يا بهانو بڻايو ته جيئن اسان کي وقت ملي وڃي.ذريعن موجب وزيراعظم صدر کي به بي اعتمادي بابت هدايتون ڏنيون ۽ چيو ته شهباز شريف لاءِ اعتماد جو ووٽ جلد نه هجڻ گهرجي، ان جي اعتماد جي ووٽ ۾ جيتري ٿي سگهي دير ڪئي وڃي.وزيراعظم اسپيڪر کي هدايت ڪئي ته ايندڙ اسيمبلي اجلاس بي اعتمادي جي هڪ مهيني کانپوءِ گهرايو وڃي ۽ صدر نئين وزيراعظم جي چونڊ تائين کيس ئي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري.ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف ڪارڪنن کي اسلام آباد آڻيندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here