وفاقي حڪومت پاران گورنر پنجاب کي هٽائڻ جو فيصلو،سمري صدر کي اماڻي ڇڏي

0
113

پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب وفاقي حڪومت گورنر پنجاب کي هٽائڻ جي سمري صدر کي اماڻي ڇڏي آهي، وزيراعظم صوابديدي اختيار استعمال ڪندي گورنر کي عهدي تان هٽايو آهي.گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران جڏهن صحافين هن کان عهدي تان هٽائڻ بابت پڇيو ته هن چيو ته مون کي ان طرح سان هٽائي نٿو سگھجي، اڃا رڳو سمري اماڻي وئي آهي، جنهن کانپوءِ صدر وٽ سمري تي صحيح ڪرڻ لاءِ 15 ڏينهن وقت هوندو آهي.ذريعن موجب وفاق پاران هي قدم ان لاءِ کنيو ويو آهي ته عمر سرفراز چيما اڄ گورنر هائوس ۾ نئين چونڊيل پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي حلف برداري تقريب ملتوي ڪرائي ڇڏي هئي.عمر چيما جو چوڻ هو ته هن قانون ٽيم سان مشاور کانپوءِ فيصلو ڪيو ته هاڻي نئين چونڊيل پنجاب جي وڏي وزير جي حلف برداري تقريب نه ڪوٺائي وڃي.عمر سرفراز چيما کي هلندڙ مهيني اڳوڻي تحريڪ انصاف حڪومت چوڌري سرور جي جاءِ تي گورنر پنجاب نامزد ڪيو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here