زوب ۾ آپريشن دوران دهشتگرد مارجي ويو، مقابلي ۾ پاڪ فوج جو جوان  به شهيد

0
167

بلوچستان جي علائقي زوب ۾ سEڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته مقابلي دوران هڪ سپاهي به شهيد ٿي ويو.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي زوب جي علائقي سمبازا ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن پاڪ، افعان سرحد تي دهشتگردن جي چر پر جي اطلاعن تي ڪيو ويو،

آءِ ايس پي آر موجب علائقي جي مسلسل نگراني ڪندي دهشتگردن جي هڪ ٽولي کي صبح جو روڪيو ويو، جڏهن دهشتگردن جي فرار ٿيڻ واري رستي کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، دهشتگرد ڪي پي ڪي ۾ داخل ٿي شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ پئي چاهيو.

آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته دهشتگردن سان مقابلي ۾ سپاهي حق نواز شهيد ۽ 2 جوان زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج جي پبلڪ انفارميشن کاتي موجب علائقي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here