سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش: ڪراچي ۾ ڊجيٽل آدم ۽ گهر شماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم

0
100

ڪراچي: سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو پلان، صوبائي راڄڌاني ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري ڪرائڻ جون تياريون تيز ڪيون ويون آهن، ماڻهن ۽ گهرن جي ڳڻپ لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ وارو شرط به ختم ڪيو ويو آهي،

شماريات کاتي آدمشماري ۽ گهر شماري لاءِ استادن جي تربيت شروع ڪري ڇڏي آهي، وفاقي شماريات کاتي جو ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ وارو تربيتي هدايت نامو سامهون اچي ويو آهي،

شماريات کاتي جي تربيتي هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن سميت موجود هر شخص کي ڳڻيو وڃي، تربيت حاصل ڪندڙ استادن کي ڪنهن کان به قومي سڃاڻپ ڪارڊ نه گهرڻ جي پڻ  هدايت ڪئي وئي آهي،

جڏهن ته سنڌ جي ساڃاهه وندن آدم شماري ۽ گهر شماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ جو شرط ختم ٿيڻ کي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ڪراچي ۾ اهڙي عمل سان پرڏيهي ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو به ڳڻبا، جنهن سان سنڌين جو انگ گهٽجي ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here