عوامي نمائندن جون جانيون، آزادي ۽ خاندان خطري ۾ آهن: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

0
202

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي تشدد، گرفتاري ۽ عدم اعتماد جي رٿ ۾ حصو وٺڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوامي نمائندن جون جانيون، آزادي ۽ خاندان خطري ۾ آهن، اسيمبلي ميمبرن کي فاشسٽ حڪومت کان حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو حق آهيهن چيو ته پ پ ۽ پي ڊي ايم ميمبرن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنديون، انشاءَ الله ڪجهه دوست عمران خان جي الزامن جو جواب ڏيندا، اسان پنهنجا سمورا پتا ظاهر نه ڪنداسين ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ تفصيل سامهون ايندابلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته او آءِ سي جي ڪانفرنس جي ڪري اسان اسلام آباد ۾ ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، حڪومت اسان کي ڌمڪيون نه ڏئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here