وارهه ۾ موٽرسائيڪل چوري جي معاملي تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب هڪ نوجوان قتل ۽ ٻيو زخمي

0
271

وارھه تعلقي جي جاگير جي ڳوٺ جامڪ چانڊيو ۾ مارفاڻي چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ موٽرسائيڪل چوري واري معاملي تان هلندڙ تڪرار جي نتيجي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن نوجوان نظام الدين الدين چانڊيو ۽ نوجوان عطاءُ الله چانڊيو کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو

واقعي بعد زخمي نوجوانن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان نظام الدين چانڊيو جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي

ان موقعي تي مقتول جي وارثن ٻڌايو ته 2 مهينا اڳ ڳوٺ نهال تنيو واسي رئيس محمد معشوق چانڊيو جي ڌر جي همراهه جي موٽرسائيڪل چوري ٿي هئي جنهن جو الزام سندن مٿان هو هنن چيو ته اڄ هو پنهنجي زمينن تي ٿريشر لاءِ وڃي رهيا هئا ته علي حيدر چانڊيو پنهنجي 20 کان وڌيڪ هٿياربندن سان مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here