مهانگائي وڌڻ لڳي،گڏيل طور شرح30.16 سيڪڙو رڪارڊ،وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جومقصد مهانگائي کي وڌڻ کان روڪڻ آهي: اسٽيٽ بئنڪ

0
95

ملڪ ۾ مهانگائي ۾ مسلسل واڌ جاري آهي ۽ هفتيوار بنيادن تي به مهانگائي 0 ڏهائي 48 سيڪڙو وڌيڪ وڌي وئي
شماريات اداري هفتيوار انگ اکر جاري ڪندي ٻڌايو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 30.16 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي
شماريات اداري موجب هلندڙ هفتي کائڻ پيئڻ جون شيون وڌيڪ مهانگيون ٿيون آهن ۽ 19 شين جون قيمتون وڌيون آهن، کنڊ، آنا، زنده ڪڪڙ ، آلو، بصر چانهه جي پتي ، ٿوم ، چانور ۽ ٻين شين ۾ واڌ ٿي آهي
کير ، ڏهي ، گوشت ، دال ۽ ٻين شين جي قميتن ۾ واڌ ٿي آهي
دال ماش ، چڻا دال، ايل پي جي گهريلو سلينڊر ، گيهه ، اٽي جو ٿيلهو سستو ٿيو آهي
شماريات اداري موجب 23 شين جو اگه استحڪام رهيو آهي .

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پاليسي ريٽ 100 بيسسز پوائنٽس وڌائي وياج جي شرح 16 سيڪڙو ڪري ڇڏي

اسٽيٽ بئنڪ پڌرائي موجب اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح هڪ سيڪڙو وڌائي ڇڏي جنهن کانپوءِ 15 سيڪڙو مان وڌائي 16 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي جو دٻاءُ مسلسل ۽ اميدن کان وڌيڪ آهي، وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جومقصد مهانگائي کي وڌڻ کان روڪڻ آهي

اسٽيٽ بئنڪ پڌرائي موجب فيصلي جو مقصد مالياتي شعبي جو استحڪام پڻ آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here