استعيفائن جي تصديق: اسپيڪر قومي اسيمبلي پاران پي ٽي آءِ ميمبرن کي ٻيهر گهرائڻ جو فيصلو

0
74

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر استعيفا جي تصديق لاءِ پي ٽي آءِ ميمبرن کي ٻيهر طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري بابت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي استعيفا جي منظوري لاءِ اسپيڪر سان ملاقات جو مطالبو ڪيو هو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر شاهه محمود قريشي جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي پي ٽي آءِ ميمبرن کي الڳ الڳ سڏائي استعيفا جي تصديق ڪندو.

جوابي خط ۾ قومي اسيمبلي جي قاعدي نمبر 43 جو حوالو پڻ ڏنو ويو ۽ چيو ويو آهي ته اسپيڪر کي تسلي ڪرڻي آهي ته استعيفائون رضاڪارانه ۽ اصلي آهن، ميمبرن لاءِ ضروري آهي ته استعيفا تي تاريخ لکن، جيڪڏهن استعيفا تي تاريخ جو ذڪر نه ڪيو ويندو ته استعيفا جمع ڪرائڻ واري تاريخ استعيفا جي تاريخ تصور ڪئي ويندي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته 11 اپريل تي جمع ڪرايل استعيفائن جي تصديق لاءِ 30 مئي تي خط لکيو ويو، تصديق لاءِ 6 کان 10 جون جو وقت ڏنو ويو.

هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ميمبر اڄ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آڏو پيش نه ٿيندا، تحريڪ انصاف استعيفائن جي منظوري لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪندي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز اڄ اسپيڪر آڏو پيش ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here