سنڌ هاءِ ڪورٽ اعظم سواتي کي وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتاري کان روڪي ڇڏيو

0
66

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سينيٽر اعظم سواتي خلاف سنڌ ۾ وڌيڪ ڪو به ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت آءِ جي سنڌ کي اعظم سواتي خلاف سنڌ ۾ داخل ڪيل ڪيسز جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اعظم سواتي جي پٽ پاران والد جي سنڌ ۾ گرفتاريءَ خلاف داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ به پيش ٿيو،

جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته اعظم سواتي خلاف هڪ ئي الزام هيٺ ڪيترائي ڪيس ڪيئن داخل ٿيا؟ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جا فيصلا موجود آهن، عدالت آءِ جي سنڌ کي اعظم سواتي خلاف داخل ڪيسز جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here