اسان ۽ پرويز الاهي راند کيڏي، نقصان عمران جو ٿيو: عطا تارڙ

0
78

اسلام آباد: وزيراعظم جي خاص مددگار عطاءُ تارڙ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير کي هٽائڻ واري گورنر جي حڪم کي معطل ناهي ڪيو، اسان ۽ پرويز الاهي راند کيڏي، نقصان رڳو عمران خان جو ٿيو.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عطاءُ تارڙ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير کي هٽائڻ جو گورنر جو حڪم معطل ڪيو آهي، عدالت حتمي فيصلو ڪندي، وڏي وزير کي ڪڏهن نه ڪڏهن اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو،

اسان چاهيون ٿا ته صوبائي اسيمبليون ٽوڙيون نه وڃن، نواز ليگ پنجاب ۾ سڀ کان وڏي اڪثريتي پارٽي آهي، اسيمبلين کي ٽوڙڻ جي ڊيڊ لائن گذرڻ کانپوءِ پرويز الاهي کي استعيفا ڏيڻ گهرجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here