پوليس گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي ذريعي آپريشن لاءِ تيار

0
133

سنڌ پوليس گهوٽڪي ضلعي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان آپريشن جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون

پوليس موجب گرينڊ آپريشن جي مڪمل تياري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نائٽ ويزن ڊرون ڪئميرائون، ابابيل ڊرون ميزائل، اسنائپر رائفلز، لانگ رينج اسنائپر گنز سميت جديد هٿيار خريد ڪيا ويندا

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته پهرئين مرحلي ۾ ابابيل جي تجرباتي اڏام به ڪئي وئي آهي، 40 نائٽ ويزن ڊرون ڪئميرائون، 30 ابابيل ڊرون ميزائل، 30 اسنائپر رائلفز، 50 لانگ رينج اسنائپر خريد ڪيا ويندا

پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 3 لک رائلفون ۽ اسنائپر گنز جون گوليون خريد ڪيون وينديون، جڏهن ته 300 جي لڳ ڀڳ ٿرمل، نائٽ ويزن اسنائپر ۽ اسپاٽر ٽيلي اسڪوپ خريد ڪيا ويندا

فائرنگ جي آواز تي گوليون هلائيندڙ 10 مشين گنز ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم سان ليس بڪتربند گاڏيون پڻ خريد ڪيون وينديون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here