گيانچند اسراڻي جي صدارت هيٺ سنڌ نان مسلم ويلفيئر ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا

0
200

اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند اسراڻي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هولي جي مستحقين کي چيڪ ڏيڻ کي پهرين ترجيح ڏني وڃي، جڏهن ته اقليتي برادري جي شاگردن لاءِ وظيفن جي رقم وڌائڻ جي پڻ منظوري ڏني وڃي

ميٽرڪ جي شاگردن لاءِ 25 هزارا ۽ اعليٰ تعليم لاءِ 35 هزار رپيا وظيفو ڏيڻ جي منظوري، غربت سبب خودڪشي ڪندڙ 20 خاندانن جي وارثن کي هڪ لک رپيا في شخص ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي

صوبائي وزير گيانچند اسراڻي پاران حقدارن کي مالي مدد ۽ طبي ڪيسن ۽ ڏاج لاءِ ٽائم فريم، ميڊيڪل ۽ ڏاج جا ڪيس هفتي اندر اڪلائڻ، هولي جي موقعي تي مالي امداد جا چيڪ 6 مارچ تائين جاري ڪرڻ ۽ هولي چيڪ بروقت ڏيڻ لاءِ فائديمندن کي اقليتي معاملن واري کاتي جون آفيسون ڇنڇر ۽ آچر تي کليل رکڻ جي هدايت ڪئي

جڏهن ته اجلاس ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن، نئين مالياتي اسڪيمن ۽ تازي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل عبادتگاهن جي مرمت ۽ سارسنڀال جو به جائزو ورتو ويو

صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو ته ڊپارٽمينٽ تحت هلندڙ ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، وڌ کان وڌ ترقياتي اسڪيمن کي هلندڙ مالي سال ۾ مڪمل ڪيو وڃي هوڏانهن اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن کان علاوه اقليتي معاملن واري کاتي جي سيڪريٽري، اقليتي معاملن واري ڊائريڪٽر سنڌ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ ميڊيڪل بورڊ جي ٽِن ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here