يارهين ۽ ٻاهرين جي نتيجن ۾ دير ڇو؟صوبائي وزير اسماعيل راهو وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
78

سنڌ حڪومت يارهين ۽ ٻاهرين درجي جي سالياني امتحانن جا نتيجا جاري نه ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي. سنڌ حڪومت سمورن بورڊز کي يارهين ۽ ٻارهين درجي جا نتيجا هڪ ئي هفتي ۾ جاري ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. صوبائي وزير اسماعيل اسماعيل راهو پاران بورڊز کي فيصلي تي سختي سان عمل جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اسماعيل راهو انٽر ميڊيئيٽ بورڊ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص کي خط لکي ڇڏيو آهي. صوبائي وزير اسماعيل راهو چيوآهي ته نتيجا جاري ڪرڻ ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته هزارين شاگرد اعليٰ تعليم جي نتيجن جو بيچيني سان انتظار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته يونيورسٽيز داخلا جي مرحلي کي اڳتي واڌائڻ لاءِ بورڊ جي نتيجن جو انتظار ڪن پيون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here