باجوه سڀني کي ٽرڪ جي بتي پٺيان لڳائي رکيو، ملڪ فيبروري ۽ مارچ ۾ ڊيفالٽ  ٿي ويندو: عمران خان

0
83

باجوه سڀني کي ٽرڪ  جي بتي پٺيان لڳائي رکيو هو،اسٽبلشمينٽ ۾ مٿي ويٺل شخص سڀ ڪجه آهي: عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته باجوه سان رابطو هيو پر اسٽبلشمينٽ سان هن وقت ڪو به رابطو نا هي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان لاهور  جي  زمان پارڪ  ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته باجوه سڀني کي ٽرڪ  جي بتي پٺيان لڳائي رکيو هو

هن چيو ته اسٽبلشمينٽ هڪ حقيقت آهي ، قانون جي حڪمراني ۾  اها ئي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ، اسٽبلشمينٽ ۾ مٿي ويٺل شخص سڀ ڪجه  هوندو آهي

سندس چوڻ هو ته حڪومت چونڊن کي 2023 تائين کڻي وڃي سگهي ٿي ،معاشي صورتحال ۾ اليڪشن کي اڳتي ڪرڻ  ممڪن ناهي ، معيشت جي اها ئي صورتحال رهي ته ملڪ فيبروري ۽ مارچ ۾ ڊيفالٽ  ٿي ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here