آفريدي، پي سي بي مينجمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار نه ڪيو:نجم سيٺي

0
83

پي سي بي ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مينيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته شاهد آفريدي مينيجمينٽ ڪميٽي ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار نه ڪيو آهي

گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف رميز راجا کي عهدي تان هٽائيندي جنم سيٺي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جا معاملا هلائڻ لاءِ 14 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي هئي

ڪميٽي جي سربراه نجم سيٺي، شڪيل شيخ، گل زاده، نعمان بٽ، هارون رشيد، ثنا مير، تنوير احمدگل محمد ڪاڪڙ، ساهد آفريدي ۽ ٻيا ميمبر ڪميٽي ۾ شامل آهن، جڏهن ته گذريل ڏينهن عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ثنا مير پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مينجمينٽ ڪميٽي ۾ شموليت کان معذرت ڪري ڇڏي

ميڊيا سان ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو ته شاهد آفريدي کي ٻڌايو آهي ته ضرورت وقت ان کان تجربي جي بنياد تي فائدو ورتو

هن چيو ته پي سي بي تي توجه ڏيڻ چاهي ٿو، هو ڪجهه مهينن لاٰءِ ٽي وي شو نه ڪندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here