لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي وزيراعليٰ پنجاب جي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو

0
63

لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي وزيراعليٰ پنجاب جي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي طرفان بيان حلفي  جمع ڪرائڻ  ۽ اسيمبلي نه  ٽوڙڻ جي خاطري  تي گورنر  جي حڪمنامي  کي رد ڪندي ان کي  وزيراعليٰ پنجاب  جي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو

وزيراعليٰ  ڊي نوٽيفڪيشن  ڪيس جي ٻڌڻي  ٻيهر شروع  ٿي  جنهن ۾  مسلم اليگ  ق  جي اڳواڻ  چوڌري پرويز الاهي  لاهور  هاءِ ڪورٽ  کي لکت ۾  خاطري ڪرائي  آهي جيڪڏهن وزارت اعليٰ تي بحال ڪيو ويو ته اسيمبلي نه ٽوڙيندس

عدالت  گورنر پنجاب کان به پنهنجو آرڊر واپس وٺڻ جي انڊر ٽيڪنگ گهرندي ٻڌڻي 11 جنوري  تائين بحال رهندي

ان کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ  جي فل بينچ  جي ميمبر  جسٽس  عابد  عزيز  شيخ پرويز  الاهي  جي درخواست  تي ٻڌڻي  دوران پڇاڻو ڪيو ته برطرفي  جو نوٽيفڪيشن  معطل ڪري  ته ڇا پرويز الاهي  فوري اسيمبلي ٽوڙيندو؟

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here