مني لانڊرنگ ڪيس: سليمان شهباز ايف آءِ اي آڏو پيش، جواب لا ءِ مهلت طلب

0
87

لاهور: وزيراعظم جو پٽ سليمان شهباز مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيو. ذريعن موجب سليمان شهباز کي ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس بابت سوال نامو ڏنو، سليمان شهباز سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ وقت گهري ورتو.

ياد رهي ته سليمان شهباز مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت تي آهي ۽ هو ڪجهه ڏينهن اڳ وطن واپس آيو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي سليمان شهباز جي گرفتاري کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪندي وزيراعظم جي پٽ کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here