لاهور: وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کان پنجاب صورتحال تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جومطالبو ڪري ڇڏيو آهي،
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير رانا ثناءُ الله سپريم ڪورٽ کان پنجاب جي موجوده صورتحال جو نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪئي.
لاهور ۾ خواجا سعد رفيق ۽ طارق بشير چيما سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن اسيمبليون خود غرضي يا انا سبب هلي رهيون آهن ته پوءِ گورنر وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چئي سگهي ٿو، گورنر جو آئيني حق آهي ته وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چوي.
هنن چيو ته اسيمبلين کي عمران خان جي انا جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين، اسان جي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن، جيڪڏهن وزيراعليٰ وٽ پورا ميمبر آهن ته اعتماد جو ووٽ وٺي. وفاقي وزير چيو ته اسان ملڪ کي ڏڦيڙ کان بچايو پر هو ڏينهن رات غلطيون ۽ سازشون ڪري رهيا آهن، پي ڊي ايم سياسي مفادن خلاف ۽ قومي مفادن جي حق ۾ فيصلا ڪيا، عمران خان ملڪ ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو.
رانا ثناءُ الله چيو ته سپريم ڪورٽ کي گذارش آهي ته پنجاب جي موجوده سياسي صورتحال جو نوٽيس وٺي، سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي پنجاب کي معاشي عدم استحڪام کان بچائي. هن چيو ته اسان اليڪشن کان ڀڄڻ نٿا چاهيون پر اليڪشن لاءِ مڪمل تيار آهيون ۽ اميدوارن کي تڪن جي حساب سان تيار ڪري رهيا آهيون.
ان موقعي تي خواجا سعد رفيق چيو ته ڪالهه عدالتي فيصلي ۾ انصاف نه ٿيو، اسان جا قانوني ماهر فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ لاءِ مختلف آپشنز جو جائزو وٺي رهيا آهن. عمران خان تي تنقيد ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته 6 کان 7 مهينن ۾ چونڊون آهن، عمران خان گندي راند ڇو ٿو کيڏڻ چاهي، ڌانڌلي جي راند گندي سياست آهي، جيڪا اسان کيڏڻ نٿا چاهيون، عمران خان اها راند کيڏڻ چاهي ٿو، جيڪا ماضي ۾ سياسي پارٽيون کيڏنديون رهيون آهن.