پي ٽي آءِ جي سينيٽراعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست رد

0
63

اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعظم سواتي جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد اعظم سواتي جي تڪراري ٽوئيٽس واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت ۾ دليل ڏنا جنهن ۾ هن ٽوئيٽر تي اڪائونٽ ويري فڪيشن جو طريقيڪار ٻڌايو

پراسيڪيوٽر چيو ته اعظم سواتي جي اڪائونٽ تي بليو ٽِڪ آهي ۽ کيس مشهور شخصيتون فالو ڪري رهيون آهن، جنهن ۾ مشهور سياسي ۽ صحافتي شخصيتون پڻ شامل آهن جڏهن ته سواتي پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ کان ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو

ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ۽ پراسيڪيوٽر رضوان عباسي اعظم سواتي جي ضمانت جي درخواست جي مخالفت ڪئي

اعظم سواتي جي وڪيل سهيل خان سواتي حتمي دليل ڏيندي چيو ته ٽوئيٽس جي اسڪرين شاٽس تي سائبر ڪرائم جو ڪيس نٿو ٺهي ۽ ڪيس ان بنياد تي ٺاهيو ويو آهي

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌائيندي اعظم سواتي جي درخواست رد ڪري ڇڏي

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اعظم سواتي هڪ ئي ڏوهه ٻه ڀيرا ڪيو تنهنڪري سندس ضمانت واري درخواست رد ڪئي وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here