موجودا معاشي نظام ترقي آفته ملڪن جي مسئلن کي حل نه ٿو ڪري سگهي: بلاول ڀٽو زرداري

0
265

پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجودا عالمي معاشي نظام ترقي پذير ملڪن جي مسئلن کي  حل ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي

گڏيل قومن جي اداري ۾ چين ۽ جي77 جي وزارتي ڪانفرنس کي صدارتي خطاب دوران پرڏيهي وزير چيو ته ترقي آفته ملڪن کي معاشي معاشي ڏکيائيون پيش آهن

پ پ چيئرمين چيو ته گهٽ ۾ گهٽ سو ملڪ اقتصادي بحران جو شڪار آهن ۽ انهن ملڪن ۾ ڪروڙين ماڻهو بک ۽ غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن

 هن چيو ته صدي جي بدترين معاشي ٻاڙائي غريب ملڪن کي متاثر ڪري رهي آهي، صدي جي معاشي ٻاڙائي هن ڏهاڪي جي ترقي جا رستا موڙي ڇڏيا آهن

پنهنجي خطاب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موسمياتي سانحا غريب ملڪن کي متاثر ڪري رهيون آهن، پاڪستا ۾ تازيون ٻوڏ جون تباهڪاريون هڪ مثال آهن

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان کي جي 77 جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي چيئر ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ تي هو ٿورائتو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here