ڪينيا ۾ قتل ٿي ويل سينيئر صحافي ارشد شريف جي پوسٽ مارٽم پورٽ جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا

0
101

ڪينيا ۾ قتل ٿي ويل سينيئر صحافي ارشد شريف جي پوسٽ مارٽم پورٽ جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا، رپورٽ اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، پمز اسپتال جي ذريعن موجب، ارشد شريف جي جسم تي 12 نشان هئا، سندس ساڄي اک جي چوڌاري ڪارا ۽ ڳچيءَ جي ساڄي پاسي زخمن جا نشان هئا، سندس سيني جي ساڄي پاسي ۽ چيلهه جي مٿين پاسي تي به زخمن جا نشان هئا، ارشد شريف جي چيلهه تي موجود زخم جي چوڌاري ڪارو نشان هو، سندس کاٻي هٿ جا 4 نَهن به نه هئا، ساڄي ڪاراِئي تي رهنڊن جا نشان به موجود هئا، جڏهن ته لونڌڙي جي ساڄي پاسي کان هڏي به نه هئي، گولي لڳڻ سبب ارشد شريف جو دماغ ۽ ڦڦڙ متاثر ٿيا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here