ٻوڏ سبب گهڻو نقصان ٿيو،ٻوڏ متاثرن سان گڏ آهيون، ڀرپور مدد ڪبي:مراد علي شاهه

0
98

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي عظيم الشان جلسو ٿيندو، جنهن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ماڻهو شرڪت ڪري شهيد محترمه کي ڀيٽا پيش ڪندا

مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين جي مزارن تي حاضري ڀري فاتحه پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون

صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جو پنهنجو مسئلو آهي ۽ ان جو ڪنهن ٻئي صوبي تي ڪو به اثر نه پوندو، ان جو حل چوڌري پرويز وٽ آهي، ڇاڪاڻ گورنر ان کي ووٽ آف ڪانفيڊنس وٺڻ لاءِ چيو آهي

هن چيو ته عمران خان گهڻي وقت کان  اسميبلي ٽوڙڻ لاءِ چئي رهيو آهي پر هو پنهجي ڳالهه تي ئي قائم ناهي رهندو، ڪورونا واري وقت ۾ ان وقت جي وفاقي سرڪار اسان جي فيصلن جي مخالفت ڪئي پر پوءِ انهن پاڻ به ائين ڪيو

سندس چوڻ هو ته ٻوڏ سبب سنڌ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن سان گڏ آهي ۽ انهن جي ڀرپور مدد ڪئي پئي وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here