پي ڊي ايم طرفان پنجاب جي وڏ وزارت پ پ کي ڏيڻ جو امڪان

0
113

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) طرفان پنجاب جي وڏ وزارت پ پ کي ڏيڻ جو امڪان آهي

ذريعن موجب گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي، پنجاب اسيمبلي اسپيڪر سبطين خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ٿيڻ کانپوءِ آصف زرداري، چوڌري شجاعت حسين ۽ ن ليگ وچ ۾ رابطا تيز ٿي ويا آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري شجاعت حسين پنهنجو وزن پ پ جي پاسي رکيو آهي، جنهن کانپوءِ اپوزيشن طرفان وڏ وزارت پ پ کي ڏيڻ جو امڪان آهي

پ پ ذريعن موجب اتفاق راءِ جي صورت ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جا اميدوار ن ليگ مان هوندا

ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري پ پ کي وڏ وزارت ڏيارڻ لاءِ سرگرم آهي ۽ هن پنهنجي اميدوار جي حق ۾ جوڙ ٽوڙ لاءِ سياسي شخصيتن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن

ذريعن موجب اڳوڻي صدر وڏ وزارت لاءِ ٽن نالن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن اميدوارن ۾ سيد حسن مرتضي، سيد علي حيدر گيلاني ۽ عثمان محمود شامل آهن پر حتمي فيصلو آصف زرداري، چوڌري شجاعت ۽ نواز شريف جي گڏيل راضپي سان ٿيندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here