انگريزن 70سالن کانپوءِ هوم گرائونڊ تي پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

0
81

انگلينڊ  پاڪستان کي 70 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو پنهنجي هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو آهي

هلندڙ سال هوم گرائونڊ تي پهريون ڀيرو پاڪستان کي لاڳيتو چئن ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي، انگلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان اڳ پاڪستان آسٽريليا خلاف لاهور ۾ ٿيل ٽيسٽ به هارائي هئي

ان کان اڳ پاڪستان هوم گرائونڊ تي 1960 ۾ ٽيسٽ سيريز ٻه ٻڙي تان هارائي هئي

ڪراچي ۾ کيڏيل آخري ٽيسٽ ۾ انگلش ٽيم پاڪستان طرفان ڏنل 167 رنسن جو ٽارگيٽ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو آهي

 انگلينڊ طرفان بين ڊڪٽ 82 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو جڏهن ته ڪپتان بين اسٽوڪس 35 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي

انگلينڊ ٽنهي ٽيسٽ مئچز ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز ڪلين سوئيپ ڪري ورتي آهي، هير بروڪ کي ميچ ۽ سيريز  ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي پليئردي ميچ ۽ پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here