ٻوڏ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي،نئين سر تعمير  جو پروگرام شروع ٿيو ته عوام  کي روزگار ملندو :بلاول ڀٽو زرداري

0
105

ڪراچي ( رپورٽر ) پ پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  وسڪارن ۽ ٻوڏ غربت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، وڏي انگ ۾ ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن، چاهيون ٿا ماڻهن سان گڏ سندن روزگار به بحال ٿئي، نئين سر تعمير جو پروگرام شروع ٿيڻ سان ماڻهن کي روزگار ملندو، آباگارن کي رليف ملڻ جو پروگرام شروع ٿيو ته سٺا فصل ٿي سگهندا

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس دوران خطاب، پ پ چيئرمين کي بريفنگ ڏيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  ٻوڏ ۾ هائوسنگ شعبي کي 55 سيڪڙو نقصان پهتو آهي، اُن جي بحالي لاءِ 570 ارب رُپيا گهربل آهن، تعليم کاتي جي عمارتن کي 10 سيڪڙو نقصان ٿيو، 9 سيڪڙو رستا متاثر ٿيا، جِن جي تعمير تي 94 ارب رُپيا خرچ ٿيندا، آبپاشي کاتي کي 94 ارب، واٽر اينڊ سينيٽيشن سسٽم کي 53 ارب ۽ لائيو اسٽاڪ کي 16 ارب رُپيا نقصان ٿيڻ جو اعتراف ڪيو .

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here