اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو ڊفالٽ ڪنهن جي ڪوشش آهي ته ايئن نه ٿيندو، نه وري ڪرڻ ڏينداسين.
وزيراعظم شهبازشريف هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان سان وفاداري ۽ دوستي جي گهرج آهي ته ملڪ م معاشي استحڪام هجي، ڪنهن جي ڪوشش آهي ته پاڪستان ڊفالٽ ڪري وڃي ته ايئن ڪرڻ نه ڏينداسين، معيشت ۾ بارودي سرنگهون وڇائيندڙ هاڻ سياسي نظام ۾ به سرنگهون وڇائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته آئين جي زور تي ملڪ کي ڪوڙي حڪومت کان بچايو هو، هاڻي عوام کي ماني ۽ روزگار جي مسئلن مان نجات ڏيارينداسين، جڏهن ته سياسي شرپسند ڏڦيڙ پکيڙي ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه ڪريو، ٻوڏ متاثرن کي سردي، بک ۽ بدحالي کان بچائڻ ۾ سياسي مخالفن جو حصو ناهي، اهي سياسي مطلب پرست ۽ خود غرض آهن.
وزيراعظم چيو ته جڏهن ملڪ ترقي ڪرڻ لڳندو آهي ته فسادي لشڪر ڇو سرگرم ٿي ويندو آهي؟ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته معاشي تباهي هڪ ايجنڊا تحت ڪئي وئي، سياسي عدم استحڪام به ان ئي سلسلي جو تسلسل آهي، عوام جو اعتماد ٽوڙڻ وارا هاڻي اسيمبليون ٽوڙي رهيا آهن، ان جو مقصد سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ آهي، عوام جي حالت تي رحم ڪريو.