اقتدار تي مڙهيل  ٽولن خلاف سخت ڪارروائي لاءِ غور ڪريون پيا: طالبان جي ڌمڪي

0
104

پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان حڪومتي اتحاد ۾ شامل جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ نون کي ڌمڪي ڏيندي چيوته آهي ته هو انهن پارٽين خلاف سخت ڪارروائي بابت سوچي رهيا آهيون

ٽي ٽي پي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته وڏي عرصي کان تحريڪ طالبان پاڪستان ۾ ڪنهن سياسي پارٽي خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي، پر بدقستميءَ سان موجودا حڪومتي قيادت تي نه ڄاڻ آمريڪا جو ڪهڙو جادو هلي پيو  آهي جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٽي ٽي پي خلاف سرعام جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

بندش پيل تنظيم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٽي ٽي پي اقتدار تي مڙهيل ٽولن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي

ٽي ٽي پي حڪمران اتحاد کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اِهي ٻئي پارٽيون پنهنجي موقف تي قائم رهيون ته پوءِ سندن اهم اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

بيان ۾ عوام کي به خبردار ڪيو ويو آهي ته هو اهڙن اڳواڻن جي جلسن، جلوسن يا ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here