سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان هلندڙ برسات جا هاڃا

0
98

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان هلندڙ برسات جا هاڃا، شهر توڙي ڳوٺن ۾ ٻوڏ جهڙا منظر، ، چئن ڏينهن کان لاڳيتو جاري مينهن سبب سوين گهر ڊهي پٽ، هزارين گهر جهُري پيا، فصل ٻڏي تباهه، مواصلاتي نظام تباهه، ماڻهو گهرن تائين محدود، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ ٻن ڏينهن اندر سميت 50 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

خيرپور ڀرسان ڳوٺ علي خان ڪٽوهر ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب هڪ ئي گهر جا پنج ڀاتي دٻجي فوت، باڊهه ڀرسان گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب ،ماءُ ۽ ڌيءُ سميت ٽن ڄڻن ملبي هيٺيان دٻجي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، خانپور مهر ۾ سائيڪل جي مستري علي نواز سومرو ڇِت ڪرڻ سبب دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، نئين ديري ۾ گهر ڊهي پيو، نينگري فوت، ٻن عورتن سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، مدئجي ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت ثمينا منگي دم ڏئي ڇڏيو، فيض گنج ڀرسان گهر جي ڇِت ڊهي پئي، نوجوان سليمان مجيداڻو دٻجي دم فوت ٿي ويو، سيٺارجا ۾ گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب 20 ورهين جي ناري نرگس خاصخيلي فوت ٿي، لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ سانول خان لـُهر ۾ گهر جي ڇت ڪرِي پئي. 30 ورهين جو محمد الياس لُهر حياتي وڃائي، چار ڄڻا زخمي ٿي پيا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here