باجوه فيصلوڪندو هو ته نيب پاران ڪنهن کي ڪيترو دٻائڻ ۽ ڪنهن کي ڇڏڻو آهي:عمران خان

0
114

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف  جي چيئرمين  عمران خان  هڪ ڀيرو ٻيهر بطور  وزيراعظم  بيوس  هئڻ جو اعتراف  ڪري ورتو

وڪيلن جي ڪنوينشن کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته اڳوڻو  آرمي چيف جنرل  رٽائرڊ

قمر جاويد باجوه  فيصلو ڪندو هو ته نيب  پاران ڪنهن کي ڪيترو دٻائڻ آهي  ۽ ڪنهن کي ڇڏڻو آهي

هن چيو ته هڪ هڪ ڪري  ڪرپشن  ۾ ملوث وڏا وڏا نالا بري ٿي رهيا آهن،  هن جي دور ۾ انهن ڪرپٽ  ماڻهن خلاف  ڪيسز مڪمل  هيا پر نيب کي ڪم  ڪرڻ نه ڏنو ويو ،انهن سڀني کي جنرل باجوه رٽائرڊ اين آر او ٽو ڏنو

عمران خان چيو ته   هن کان به انهن کي اين آر او ڏيڻ جو چيو ويو پر  هو سمجهندو هو ته ڪرپٽ ماڻهن کي اين آر او ڏيڻ غداري آهي ، جيستائين ملڪ ۾ انصاف  ناهي ، قانون جي  بالادستي نه هوندي ته خوشحالي نه ٿي اچي سگهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here