متحده جي درخواست رد: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊ 15 جنوري تي ڪرائڻ جو حڪم

0
144

اسلام آباد: ايم ڪيو ايم جي درخواست رد، اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چوندون 15 جنوري تي ئي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن مڪاني اليڪشن جي حوالي سان جماعت اسلامي جي درخواست منظور ڪئي وئي،

اليڪشن ڪميشن حڪم ڏنو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊ شيڊول مطابق 15 جنوري تي ئي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن ۾ ايم ڪيو ايم موقف اختيار ڪيو هو ته اليڪشن ڪميشن ۾ ٻٽين ووٽر لسٽن جو استعمال ٿي رهيو آهي، ان ڪري مڪاني اليڪشن نئين ووٽر لسٽ تحت ڪرائي وڃي. اليڪشن ڪميشن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني اليڪشن 15 جنوري تي ڪرائي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here