پيپلز پارٽي پاران وفاقي حڪومت نه بڻجڻ جو فيصلو :آصف علي زرداري

0
80

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سندس خيال آهي ته پيپلز پارٽي وفاق ۾ وزارتون نه وٺي رهي آهي، چاهيون ٿا پهرين ٻين دوستن کي وزارتون ڏنيون وڃن.پارليامينٽ هائوس آمد دوران صحافين پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ٿي سگهي ٿو پيپلز پارٽي وفاق ۾ وزارتون نه وٺي.صحافي آصف علي زرداري کان سوال ڪيو ته پيپلز پارٽي سياسي ڏاهپ جو مظاهرو ڪندي هڪ تير سان 2 شڪار ته نه ڪيا آهن؟ عمران کي به فارغ ڪري ڇڏيو ۽ نوازليگ تي مهانگائي جو بار وجهي کين ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.آصف علي زرداري صحافي جي سوال تي مرڪي ڏنو، آصف علي زرداري چيو ته نه اسين پهرين پنهنجي دوستن کي موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here