اي پي ايس سانحي کي 8 سال مڪمل: دهشتگردي جي خاتمي تائين جدوجهد مضبوط ارادي سان جاري رهندي: شهبازشريف

0
121

پشاور: اي پي ايس سانحي کي 8 سال مڪمل ٿي ويا، وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي تائين جدوجهد مضبوط ارادي سان جاري رهندي، 16 ڊسمبر سڄي ملڪ دهشتگردي خلاف متحد ٿيڻ جو ڏينهن آهي.

اي پي ايس سانحي واري ڏينهن تي جاري پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف لکيو ته هر سال 16 ڊسمبر سڄي قوم کي ان درد ۽ ڏک جي ياد ڏياريندو آهي، جيڪو دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ ظلم ڪيو هو.

شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته سالن کانپوءِ به اهو غم آهي، وساري ناهيون سگهيا، اڄ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ سندن خاندانن سان ڏک ونڊڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستاني قوم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي.

وزيراعظم چيو ته 16 ڊسمبر جو ڏينهن سڄي پاڪستان جي دهشتگردي خلاف هڪ آواز ٿيڻ جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن سڄي دنيا لاءِ پيغام آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here