پاڪستان کي ستين ۽ اٺين جائزي لاءِ مختلف ٽارگيٽن کي مڪمل ڪرڻو آهي:آءِ ايم ايف

0
67

آءِ ايم ايف پاڪستان سان نائين قسط جي حوالي سان ڳالهه ٻول تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي معاشي منظرنامي تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي

ان حوالي سان پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٽر پيريز روئيز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نائين جائزي جي حوالي سان هن وقت تائين ٿيل ڳالهيون هاڪاري رهيون آهن، ۽ انهن ڳالهين ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان ۾ وڏي معاشي منظرنامي تي نظرثاني جو موقعو فراهم ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستاني اختيارين ۽ آءِ ايم ايف جي نائين جائزي تي ڳالهين تي ٻنهي ڌرين کي مالياتي، ڊالر سيمت ڪرنسي جي قيمت ۽ توانائي واري پاليسي جو گهرائي سان جائزو وٺڻ جي قابل بڻايو آهي

ايسٽر پيريز جو چو.ڻ آهي ته ايف ايم ايف گڏيل طور ستين ۽ اٺين جائزي واري اهڙين پاليسين تي ڳاليهون جاري رکڻ جو جو منتظر آهي جيڪي ٻوڏ سبب انساني ۽ بحال0ي جي ضرورتن کي مناسب طريقي سان پورو ڪن ٿيون جڏهن ته موجود مالياتي امداد سان گڏ مالي ۽ پرڏيهي استحڪام کي پڻ محفوظ رکي ٿي

آءِ ايم ايف جي نمائندي موجب ٻوڏ سبب پاڪستان کي مختلف معاشي انگن اکرن جو نئين سر تعين ڪرڻو پوندو

هن چيو ته پاڪستان کي ستين ۽ اٺين جائزي لاءِ مختلف ٽارگيٽن کي مڪمل ڪرڻو آهي، توانائي جي سڌارن تي ستين ۽ اٺين جائزي جي طئي ٿيل هدفن تي عمل ڪرائڻو پوندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here