سنڌ سرڪار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ادر ميڊيا پريڪٽشنرز ڪميشن جي قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
نوٽيفڪيشن موجب ڪميشن جي ميمبرن ۾ ڪي يو جي جو جنرل سيڪريٽري فهيم صديقي، اي پي اين ايس جو نمائندو قاضي اسد ۽ سي پي اين اي نمائندي جبار خٽڪ کانسواءِ پي بي اي جو محمد اطهر قاضي، سنڌ بار ڪائونسل جو اياز حسين تنيو، انساني حقوق ڪميشن جو پروفيسر توصيف احمد خان ۽ ايپنڪ جو غلام فريد الدين شامل آهن
نوٽيفڪيشن موجب سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شازيا عمر، ماروي فصيح کانسواءِ اطلاعات، گھرو، قانون ۽ انساني حقن واري کاتن جا سيڪريٽريز به ڪميشن جو حصو هوندا ۽ ڪميشن جسٽس رٽائرڊ رشيد اي رضوي جي سربراهي ۾ ڪم ڪندي
ڪراچي يونين آف جرنلسٽس سنڌ حڪومت پاران ڪميشن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جي آجيان ڪئي آهي
ڪي يو جي موجب سنڌ اسيمبلي مان قانون جي منظوري ۽ هاڻ ڪميشن جي قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي واحد رياست بڻجي ويو آهي، جتي صحافين جي تحفظ لاءِ نه رڳو قانون پر ڪميشن به موجود آهي، هن جو ڪريڊٽ سنڌ حڪومت ڏانهن وڃي ٿو جنهن صحافين جي تحفظ جي اهميت کي سمجهو ۽ ان لاءِ عملي قدم کنيا