شرجيل انعام ميمڻ جو عمران خان جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل

0
99

جتان کٽي اتان حق ۽ سچ جي فتح، واهه عمران خان جي سياست، جتان هارائي اتي ڌانڌلي جو نعرو، واهه عمران خان جي منافقت،“ اطلاعات جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملتان ۽ ڪراچي جي عوام عمران خان جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان کي ملير ۾ ٻيهر چونڊ جو شوق آهي ته ڀلي پورو ڪري، عمران خان کي اڪثريت سان شڪست ڏني ويندي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کي پيپلزپارٽي جي جيالن شڪست ڏني، عمران خان پنهنجي اقتداري دور ۾ هميشه لالي پاپ ڏنو، ڪراچي جي عوام ننڍي چونڊ ۾ نيازي کي شڪست ڏئي بدلو وٺي ڇڏيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here