پرويز الاهي ڊي نوٽيفاءِ، پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ پاران عدالت وڃڻ جو فيصلو

0
92

گورنر پنجاب بليغ الرحمان، وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته يقين آهي ته وڏي وزير کي قومي اسيمبلي جي اڪثريت جو اعتماد حاصل نه آهي، نوٽيفڪيشن بعد پنجاب ڪابينا ختم ٿي ويندي

نوٽيفڪيشن موجب پرويز الاهي نئين قائد ايوان جي چوندجڻ تائين عهدي تي ڪم جاري رکندو

ذريعن موجب پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ پاران گورنر پنجاب جي حڪم خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ذريعن موجب اڄ پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ پاران عدالت  ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو ڪو به قانوني حيثيت نه آهي، جڏهن ته پرويز الاهي ۽ صوبائي ڪابينا فرض انجام ڏيندو رهندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here