عمران حڪومت جي خاتمي بعد عبوري حڪومت چونڊ سڌارن سان گڏ نيون چونڊون ڪرائي: بلاول

0
85
عمران حڪومت جي خاتمي بعد عبوري حڪومت چونڊ سڌارن سان گڏ نيون چونڊون ڪرائي: بلاول

ڪراچي: پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي وڃڻ کانپوءِ جيڪا به عبوري حڪومت اچي ان کي چونڊ سڌارن جو مينڊيٽ ڏيڻ سان گڏ شفاف چونڊون ڪرائڻ گهرجي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان هن ڊيل مان نڪري ملڪ جي مفاد لاءِ نئين ڊيل ڪري، اسان بي اعتمادي رٿ آڻي شفاف چونڊون چاهيون ٿا، عمران خان جي وڃڻ کان پوءِ ٿوري مدي واري حڪومت جي ذميواري شفاف چونڊون ڪرائڻ هوندي. هن چيو ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي بابت تاج حيدر تفصيلي رپورٽ ٺاهي آهي،

اسان هي رپورٽ عام ڪرڻ کان اڳ اليڪشن ڪميشن کي موقعو ڏيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن پاڻ ڪوتاهين جي نشاندهي ڪري انهن جو ازالو ڪري، هاڻي پارليامينٽ ۾ سليڪٽيڊ وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ بي اعتمادي رٿ آڻي کيس هٽائڻ گهرجي. بلاول چيو ته اسان پي ٽي آئي – آءِ ايم ايف ڊيل کي نه ٿا مڃون ان خلاف مهم هلائي رهيا آهيون، هي ڊيل ملڪ ۽عوام جي مفاد ۾ ناهي هي ملڪ جي خودمختياري تي حملو آهي. هن چيو ته عمران خان جنهن شعبي کي هٿ لاتو اتي تبديلي نه پر تباهي آئي آهي،

هن سرڪار ۾ مهانگائي ۽ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي، جيتري تباهي ٽن سالن ۾ آئي آ ايتري تباهي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي آئي. هن وڌيڪ چيو ته صوبن کي معاشي حقن ۽ اين ايف سي کان محروم ڪيو پيو وڃي، خان جو هر وعدو ڪوڙو نڪتو آهي جنهن جي ڪري احتجاج ڪري رهيا آهيون. اسان جو سڀاڻي مارچ شروع ٿيندو، تاريخ جو وڏو مارچ هوندو، 27 فيبروري تي ڪراچي کان شروع ٿي، 8 مارچ تي اسلام آباد پهچندا سين، اسان وزير اعظم کي چئي رهيا آهيون ته فوري استعيفا ڏئي، اسان کي احتجاج جي ضرورت نه پوندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here