عمران خان پاران 26 نومبرتي راولپنڊي پهچڻ جو اعلان

0
89

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان 26 نومبر تي پنڊي پهچڻ جو اعلان ڪيو آهي

عمران خان لانگ مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته غلامي کان موت بهتر آهي، اڳوڻو وزيراعظم هوندي ڪيس داخل نه ڪرائي سگهيس، اسان کي خبر آهي ته مارڻ وارا ٻه هئا ۽ سامهون کان گوليون آيون، انهن جوابدار کي طوطي وانگر پڙهايو ته مان اڪيلو هيس ته جيئن شڪ نه ٿئي، هاڻ توهان سان پنڊي ۾ ملاقات ٿيندي، پي ٽي آءِ جا سمورا ڪارڪن ۽ پاڪستاني 26 نومبر تي پنڊي پهچن

هن چيو ته اسان جي دور ۾ 3 لانگ مارچ ٿيا، نه اسان رنڊڪ روڪ ڪئي، نه ڪيس داخل ڪيا، اسان پنهنجي دور ۾ آئين ۽ قانون موجب هلياسين، مون کي خبر هئي ته مارڻ لاءِ پلان ٺاهيو ويو آهي ان باوجود نڪتس، مسئلن جو حل شفاف چونڊن کانسواءِ ڪجهه ناهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here