آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن وارو پاڪستان ميوزڪ فيسٽيول منعقد

0
82

آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن وارو پاڪستان ميوزڪ فيسٽيول منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستاني فنڪارن سان گڏ عالمي ڳائڻن به شرڪت ڪئي
پاڪستان ميوزڪ فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن جي شروعات آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي ميوزڪ اڪيڊمي جي گلوڪار ڪامران جعفري جي پرفارمنس سان ٿي جڏهن ته گلوڪار محمد زبير طفيل نيازي کي ڀيٽا پيش ڪئي
ميلي ۾ لوڪ فنڪارن اختر چنال ۽ مائي ڍائي روايتي لوڪ گيت پيش ڪيا
ان موقعي تي اختر چنال چيو ته جديد سازن علائقائي موسيقي کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي
فيسٽيول ۾ يوڪرين جي ڳائڻي ڪماليا پاڪستاني پاپ اسٽار نازيه حسن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سندس مشهور گانو بوم بوم ڳايو جڏهن ڪماليا دل دل پاڪستان ڳائي پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪيو ته ويٺلن به تاڙيون وڄائي کيس وڏو داد ڏنو
صدر آرٽس ڪائونسل احمد شاهه ۽ اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب يوڪريني ڳائڻي کي ايوارڊ سان نوازيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here