ڪراچي ۾ نينگري جو قتل، جاچ ٽيم جوڙي وئي

0
104

ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ ڪچري جي ڍير مان ڇوڪريءَ جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي تي 5 آفيسرن تي ٻڌل جاچ ٽيم جوڙي وئي

پوليس موجب 8 ورهين جي ٻارڙي جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ هن وقت تائين 10 جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ ويجهو شڪي ماڻهن جا ڊي اين اي نمونا ورتا ويا آهن، جن جا اڃا تائين نتيجا نه اچي سگهيا آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته قائد آباد ٿاڻي جي هيڊ محرر، ڊيوٽي آفيسر سميت 3 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، اهلڪارن مقتول ڇوڪري جي پيءُ سان سهڪار نه ڪيو

واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ گم ٿيل ڇوڪري جو لاش ڪراچي جي علائقي لانڍي مان خالي پلاٽ مان هٿ آيو هو، ڇوڪري سان زيادتي ۽ تشدد جي تصديق ٿي چڪي آهي

نينگري جي وارثن جو چوڻ هو ته هو 2 ڏينهن تائين ٿاڻي تي ويا پر ڪيس داخل نه ٿيو ۽ نه ئي پوليس ڪا مدد ڪئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here