اداڪاره ڪبريٰ خان سوشل ميڊيا ذريعي عادل راجا کي جواب ڏئي ڇڏيو

0
123

اداڪاره ڪبريٰ خان سوشل ميڊيا ذريعي عادل راجا کي جواب ڏئي ڇڏيو، هن لکيو ته 3 ڏينهن ۾ ثبوت فراهم ڪري نه

ته هوءَ برطانيا ۾ هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪندي، عادل راجا چئن پاڪستاني اداڪارائن تي الزام هنيو

هن پنهنجي وي لاگ ۾ ماهره خان، مهوش حيات، ڪبريٰ خان ۽ سجل علي جي نالن جا پهريان ٻه حرف وٺندي انهن تي سنگين نوعيت جا الزام هينا جنهن کانپوءِ ئي سوشل ميڊيا تي هڪ نئون پينڊورا باڪس کلي ويو، ڪبريٰ خان پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي لکيو ته مان خاموش رهي سمجهيس ته اها ڪا فيڪ وڊيو آهي پر گهڻو ٿي ويو

هوڏانهن اداڪاره سجل علي به عادل راجا جي سنگين الزامن جو جواب ڏيندي ٽوئيٽ ڪيو ته ڪردارڪشي انسانيت جي بدترين شڪل ۽ گناهه آهي

ٻئي پاسي ميجر(ر) عادل راجا پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته پاڪستان جون اداڪارائون جنرل (ر) باجوا ۽ جنرل(ر) فيض حميد پاران  سيف هائوسز ۾ سياستدانن لاءِ استعمال ڪيون وينديون هيون، جنرل باجوا دبئي ۾ مني لانڊرنگ لاءِ عرفان ستي کي رکيو هو، هو دبئي ۾ ٻنهي جنرلن لاءِ پراپرٽيون خريد ڪندو هو، رحمت کي فيض حميد پاران سعودي عرب موڪليو ويو هو عادل راجا ويلاگ ۾ ٻڌايو ته عرفان ستي ۽ رحمت نالي آفيسر ڳجهي اداري جي سيو هائوسز ۾ پاڪستان جون ٽاپ ماڊلز ۽ اداڪارائون آڻيندا هئا نهن ماڊلز جا نالا ايم ايڇ، ايم ڪي، ڪي ڪي ۽ ايس اي سان شروع ٿين ٿا ۽ اهي ماڊلز جنرل فيض ۽ جنرل باجوا سان رابطي ۾ هيون.هن اها به دعويٰ ڪئي ته ان کانسواءِ عرفان ستي ٻين سياستدانن جون به وڊيوز ٺاهيندو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here