مونکي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي:عرفي جاويد پوليس ڪمپلين تي ڪاوڙجي پئي

0
185

بي جي پي اڳواڻ چتراواگهه ڀارتي اداڪارا عرفي جاويد جي خلاف پوليس ۾ شڪايت داخل ڪندي سندس گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي جنهن جي ردعمل جي طور تي عرفي تنقيد ڪندڙن کي آپگهات جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڀارتي ميڊيا موجب بي جي پي جي اڳواڻ چتراواگه ممبئي جي روڊن تي فحاشي پکيڙڻ تي پوليس کي عرفي جي خلاف شڪايت داخل ڪرڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جو چيو  آهي

پنهنجي خلاف داخل ٿيل شڪايت ۾ عرفي جاويد سوشل ميڊيا تي ردعمل جو اظهار ڪندي لکيو ته اها ساڳي عورت آهي جڏهن هوءَ اين سي پي ۾ هئي ته هن سجي راٿوڙ جي گرفتاري لاءِ گوڙ ڪيو هو ۽ پوءِ سندس مڙس رشوت وٺندي پڪتو ويو، پنهنجي مڙس کي بچائڻ لاءِ هن بي جي پي ۾ شموليت اختيار لڳائي ۽ ان کانپوءِ سنجي ۽ هو سٺا دوست ٿي ويا

عرفي پنهنجي اسٽوري ۾ وڌيڪ چيو ته مان به بس بي جي پي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ واري آهيان ۽ پوءِ اسان سٺا دوست ٿي وينداسين

ڀارتي ميڊيا موجب هڪ ٻي پوسٽ ۾ اداڪارا پاران لکيو ويو ته هوءَ ڄاڻي ٿي ته سياستدانن بابت ڳالهائڻ خطري کان خالي ناهي پر اهڙيون شڪايتون کيس آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪنديون آهن

هن وڌيڪ لکيو ته يا ته هوءَ پاڻ کي ماري ڇڏي يا انهن جي هٿان مري وڃي پر هن شروع ناهي ڪيو ۽ نه هن ڪنهن سان به غلط ڪيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here