پوليس جو پارليامينٽ لاجز ۾شهباز گل جي رهائشگاهه تي ڇاپو،پسٽل ۽ سيٽلائيٽ فون برآمد

0
96

اسلام آباد پوليس پارليامينٽ لاجز ۾شهباز گل جي رهائشگاهه تي ڇاپو هڻي مليل سامان جي فارنزڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته شهباز گل وٽان آمريڪي ساخت جو پسٽل ۽ سيٽلائيٽ فون مليو آهي، شهباز گل پسٽل جو لائسنس نه ڏئي سگهيو ته مٿس ڪيس داخل ڪيو ويندو، گذريل رات اسلام آباد پوليس شهباز گل جي رهائشگاهه تي ڇاپو هڻي پسٽل، ريڊ ڊائري، سيٽلائيٽ فون، پرڏيهي ڪرنسي، موبائل فون، 2 پاسپورٽس ۽ ڪريڊٽ ڪارڊز برآمد ڪري ورتا هئا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here