ڪراچي: بوٽ بيسن ۾ هوٽل ٻاهران گارڊ جي فائرنگ ۾ سکر واسي ٻارڙو قتل

0
70

ڪراچيءَ جي بوٽ بيسن واري علائقي ۾ سيڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري ٻارڙي کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول ٻارڙي جي سڃاڻپ سکر واسي محمد عمر جي نالي سان ٿي، مقتول ٻارڙو پينو فقير هو، خيرات گهرڻ کان روڪڻ تي پيزا شاپ جي سيڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو، جوابدار ٻارڙي جو لاش ضيا الدين اسپتال جي سامهون اڇلائي فرار ٿي ويو: پوليس جو بيان، منهنجي ٻچڙي کي بيگناهه قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، منهنجي ڪير به مدد نه پيو ڪري، الله جي واسطي منهنجي مدد ڪريو: مقتول محمد عمر جي والده روئي روئي بيحال بڻجي وئي، واقعي جو ڪيس سيڪيورٽي گارڊ محمد جان جي خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here