ماحولياتي، حياتياتي ۽ تحقيقي صحافت جو وڏو نالو ناميارو ليکڪ جان خاصخيلي لاڏاڻو ڪري ويو

0
223

جان خاصخيلي هالا جي ڳوٺ ڪرم نظاماڻي ۾ 23 اپريل 1956ع تي جنم ورتو، هن شاعري سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون جيڪي مشهور ويون سندس شاعري ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ ڪتاب ۾ تعارف سان ڇپيل آهي جنهن جو تفصيلي مهاڳ ننڍي کنڊ جي مهان ڪوي شيخ اياز لکيو هو جان خاصخيلي جي ڪهاڻين جو مجموعو ”گم ٿيل ماڻهو جو سفر نامو“ 1996ع ۾ ڇپيو ، هو سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي.جان خاصخيلي ڪراچي پريس ڪلب، ڪي يو جي، آرٽس آف ڪائونسل ڪراچي جو ميمبر پڻ رهيو. هن سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ پڻ صحافتي ذميواريون نڀايون، جان جو شمار سنڌي ٻولي جي بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو سندس مڙهه کي اباڻي ڳوٺ نيو ويو جتي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here